SINDHI GRAMMAR
سنڌي ڳالهائڻ جا جزا
01.
اسم 02.
ضمير 03. صفت 04.
فعل
05. ظرف 06. حرف جر 07. حرف جملو 08. حرف ندا
اسم NOUN
دنيا ۾ هر اها شيء جنهن کي نالو آهي ان کي اسم چئبو آهي
مثال. ڪنهن جاءِ جو نالو ، ڪنهن
ماڻهون جو نالو، ڪنهن جانور جو نالو ،
ڪنهن شيءِ جو نالو وغيره
اسڪول ، گرائونڊ الطاف ،
ڊاڪٽر اُٺ ، گهوڙو ،
پين ، گھڙي وغيره
اسم جا
قسماسم جا ته کوڙ سارا قسم آهن پر اڄ اسان صرف اهم
اسمن جي باري ۾ ڳالهائينداسين
01. اسم عام . هي اسم ساڳي ڪيٽيگري جي سڀني شين جي لاءِ استعمال ٿي سگهي
ٿو. ڪتاب، ٽيبل، ٻڪري ، ٻلي ، انجينئر ، ڊاڪٽر ، شهر ، اسڪول وغيره
01. اسم عام
02. اسم
خاص. هن اسم جي نالي وٺڻ
سان اسان کي اندازو ٿي وڃي ته اسان ڪنهن شيءِ يا ماڻهون جي باري ڳالهائي رهيا
آهيو. دادو ، ڀان سيد آباد، سر غلام حسين ، امام بخش ، عبدالستار ،
عبدالرشيد، ڪلپر پين، خورشيد فين وغيره
03. اسم
جنس. هر اها شيءِ جنهن
مان ساڳي ڪيٽيگري جي شيءِ ٺاهي وڃي يا هر اها شيءِ جيڪا زمين مان نڪري اها به اسم
جنس ۾ شمار آهي
مثال. ڪاٺ ، تين، رٻڙ،
پِيٽرول ، گيس ، پاڻي ، سون ، چاندي وغيره
04. اسم
ذات. هر اها شيءِ جنهن کي
اسان حواسن ۾ محسوس نه ڪري سگهون اهو اسم ذات آهي.
مثال. ڏاهپ، هوشياري، ايمانداري، بيماري، غريبي
خيال وغيره
ضمير PRONOUN هر اها شيءِ جيڪا ڪنهن اسم جي بدران استعمال ٿي
ان کي ضمير چئبو آهي
مثال. مان ،توهان، اهي، هوءِ ، هي اسان ، اهو وغيره
ضمير جا کوڙ مثال آهن پر وقت جي مناسبت سان صرف
اهم شين تي ڳالهائينداسين
1ST
PERSON ضمير متڪلم
مثال طور. مان، اسان ، اسين (ڳالهائيندڙ کي ضمير
متڪلم چئبوآهي)
03. اسم
جنس.
2ND
PERSON ضمير حاضر
مثال طور.
توهان ، توهين، اوهين وغيره( جنهن ماڻهون سان ڳالهايو وڃي)
3RD
PERSON ضمير غائب
مثال طور.
اهي، هن انهن ، وغيره( جنهن جي بابت ڳالهايو وڃي)
نوٽ. جيڪي
ضمير سوال پڇڻ ۾ ڪم اچن انهن کي ضمير استفهام چئبو آهي
مثال. ڪير،
ڪنهن ، ڪهڙو، ڪنهنجو وغيره
ADJECTIVE صفت
هر اها لفظ يا اکر جيڪو ڪنهن اسم يا ضمير جي
معنيٰ ۾ واڌاري آڻي ان کي صفت چئبو آهي
مثال طور. سٺو، خراب وڏو، ننڍو خوبصورت، بدصورت،
هڪ ٻه ، رنگ، نسل ٻڌائي وغيره
مثال. احمد ڊاڪٽر آهي احمد هڪ سٺو ڊاڪٽر آهي
انهن بيدا خريد ڪيا آهن انهن خراب بيدا خريد ڪيان آهن
هن ڪپڙا خريد ڪيا آهن هن نوان ڪپڙا خريد ڪيا آهن يا هن نيرا ڪپڙا خريد ڪيا آهن
VERB فعل
هر اهو لفظ جيڪو ڪو
به ڪم يا چرپر جي باري ۾ ٻڌائي ان کي فعل چئبو آهي
نوٽ. فعل کي ٻيو سڄاڻپ جو طريقو اهو آهي ته جڏهن
به ان لفظ کي عام ڪري لکنداسين ته ان جي آخر ۾ ڻ ايندو
ٻڪري گاه کائي ٿي. (کائڻ) اهي انب پٽي رهيا آهن (پٽڻ) وغيره
VERB فعل
ADVERB ظرف
هر اهو لفظ جيڪو ڪنهن
به فعل يا صفت جي باري ۾ ٻڌائي ان کي ظرف چئبو آهي
مثال. اڄ، سڀاڻي، ڪاله، هاڻي، پوءِ، سوير، دير،
سدائين، ڪڏهن ڪڏهن ، وغيره (ظرف وقت)
مثال. هتي، اتي، ڪٿي ڪٿي، هوڏي ، هيڏي اندار ،
ٻاهر هيٺ، مٿي وغيره (ظرف مڪان)
مثال. تيزي سان، آهستي، جلدي ، خاموشي وغيره
PREPOSITION حرف جر
حرف
جر جا مثال. ۾ ، تي، کي ، جو ، جا، وٽ، لاءِ، ڏانهن، کان، تائين، مٿان، هيٺيان،
بابت، ذريعي، پاران وغيره
مثال. هي وقت تي ڪم ڪندو آهي
اهي ڪراچي ۾
رهندا آهن
PREPOSITION حرف جر
CONJUNCTION حرف جملو اهو
لفظ جيڪو ٻن لفظن يا ٻن جملن کي ملائي ته ان کي حرف جملو چئبو آهي
حرف جملي جا مثال. ۽، يا، پر، ته ، ڇاڪاڻ،
جيڪڏهن، جيئن ته، تنهنڪري ، ان کانپوءِ وغيره
INTERJUNCTION حرف ندا
اهو لفظ جيڪي گهڻي خوشي، گهڻي ڏک ، گهڻي
ڪاوڙ يا جذبات ۾ ڳالهايا وڃن ته انهن کي
حرف ندا چئبو آهي.
هاءِ
هاِءَ ، واه واه، افسوس وغيره
Tags
Sindhi Grammar