. *ضمير PRONOUN*
• ضمير: اهو لفظ جيڪو جملي ۾ اسم جي بدران استعمال ٿئي ته ان کي ضمير چئبو آهي.
مٿال: مان، اسان، منهنجو، تون، توهان، توهان جو، هي، اهي، انهن، اها، ڇا، ڪير، پاڻ، جيڪو، جيئن، ڪو وغيره.
*ضمير جا قسم KINDS OF PRONOUN*
• ضمير جا ڇھ قسم آهن.
1. ضمير خالص PERSONAL PRONOUN
2. ضمير اشارو DEMONSTRATIVE PRONOUN
3. ضمير استفهام INTROGATIVE PRONOUN
4. ضمير مشترڪ REFLEXIVE PRONOUN
5. ضمير موصول/جواب موصول RELATIVE PRONOUN
6. ضمير مبهم INDEFINITE PRONOUN
هاڻي اسان ضمير جي هر قسم کي الڳ الڳ ڪري سمجهنداسين
1 *. ضمير خالص*
• اهڙا ضمير جيڪي خاص ڪري ماڻهن جي لاءِ استعمال ٿيڻ ته انهن کي ضمير خالص چئبو آهي.
مثال : مان، اسان، منهنجو، تون، توهان، توهان جو، هي، هوءَ، هن، اهي، انهن وغيره
• ضمير خالص جا 3 قسم آهن: 1. ضمير متڪلم 2. ضمير حاضر 3. ضمير غائب
1. ضمير متڪلم: لفظ متڪلم جي معنئ آهي پاڻ ڳالهائيندڙ, اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائڻ وارو پنهنجي بدران استعمال ڪري
ته انهن کي ضمير متڪلم چئبو آهي.
مثال: مان، آءُ، آئون، مون، منهنجو، اسان، اسين، اسان جو وغيره
2. ضمير حاضر: اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائڻ وارو ڪنهن حاضر ماڻهوءَ جي بدران استعمال ڪري ته اهڙن ضميرن کي
ضمير حاضر چئبو آهي.
مثال: تون، تو، توهان، اوهان، تنهنجو، توهان جو وغيره
3. ضمير غائب: اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائڻ وارو ڪنهن غير موجود ماڻهن جي بدران استعمال ڪري ته اهرن ضميرن
کي ضمير غائب چئبو آهي.
مثال: هي، هوءَ، هن، اهي، انهن، اها، هو، هن جو، انهن جو وغيره
نوٽ: ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو موجود به هوندا آهن, تڏهن به انهن لاء ضمير غائب استعمال ڪندا آهيون.
2 *. ضمير اشارو*
3. اهي ضمير جيڪي جملي ۾ ڪنهن اسم يا ضمير ڏانهن اشارو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ته انهن کي "ضمير اشارو" چئبو آهي.
مثال: هي، اهو، اها، ان، آهي، اجهي، اجھا وغيره
جملن ۾ استعال: هيءَ منهنجي پين آهي، اهي ڇوڪرا هوشيار آهن، اوهان جو ڪتاب اهو آهي، اجھو هن جو بڪ وغيره.
4. ضمير اشاري جا ٻه قسم آهن.
1.اشارو قريب 2. اشارو بعيد
5. جيڪي ضمير ويجهي شيءِ ڏانهن اشارو ڪرڻ لاء استعمال ٿين تن کي اشارو قريب چئبو آهي. مثال : هي، هيءُ، اجھو وغيره.
6. جيڪي ضمير پري واري شيءِ ڏانهن اشارو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين تن کي اشارو بعيد چئبو آهي. مثال: اهو، اها، اُهي وغيره.
3 *. ضمير استفهام*
• اهي ضمير جيڪي جملي ۾ سوال پڇڻ جي لاءِ استعمال ٿين ته انهن کي ضمير استفهام چئبو آهي.
مثال: ڇا، ڪير، ڪنهن، ڇو، ڪهڙو، ڪڄاڙو وغيره
4 *. ضمير مشترڪ*
• اهي ضمير جيڪي جملي ۾ موجود اسمن يا ضميرن سان گڏ شريڪ ٿي استعمال ٿين ۽ جملي ۾ تاڪيد پيدا ڪن ته انهن کي
ضمير مشترڪ چئبو آهي.
مثال: مان پاڻ اتي هئس. توهان خود هن ڪم جا ذميوار آهيو. هن پنهنجو ڪتاب کنيو آهي. وغيره
مٿين جملن ۾: پاڻ، خود، پنهنجو، پنهنجا وغيره ضمير مشترڪ جا مثال آهن.
5. *ضمير موصول/جواب موصول*
• لفظ موصول جي معنئ آهي "ڳنڍيندڙ". اهي ضمير جيڪي ٻن جملن کي ڳنڍين ته انهن کي ضمير موصول چئبو آهي.
مثال : هي اهو ڪتاب آهي جيڪو تو گهريو هو.، علي آيو هو جنهن اوهان جي پڇا ڪئي.،
• اهي ضمير جيڪي جملي ۾ ضمير موصول جي جواب ۾ استعمال ٿين ته انهن کي ضمير جواب موصول چئبو آهي.
مثال : جيڪو کيڙي سو کائي. جيئن اهي آيا تيئن ويهي رهيا. جن گهريو تن کي مليو.
جڏهن ﷲ چاهيو تڏهن ملبو. جهڙي پوکيندئو تهڙي لڻندئو. جيڪا اوهان گهري سا اوهان کي ملي.
مٿين جملن ۾ لفظ " جيڪو، جيئن، جن، جڏهن، جهڙي، جيڪا" ضمير موصول آهن.
۽ انهن جي جواب ۾ استعمال ٿيل لفظ "سو، تيئن، تن، تڏهن، تهڙي، سا" ضمير جواب موصول آهن
6 *. ضمير مبهم*
• لفظ "مبهم" جي معنئ آهي "لڪيل يا غير واضح". اهي ضمير جيڪي جملي ۾ واضح مطلب نه ڏيکارين ته انهن کي
ضمير مبهم چئبو آهي.
مثال: هتي ڪو ته آيو هو.، هن گهر ۾ ڪا هئي.، ڪنهن نه ڪنهن هي ڪم ڪيو آهي.
مٿين جملن ۾ لفظ " ڪو، ڪا، ڪنهن نه ڪنهن" ضمير مبهم آهن
ضمير مبهم جا ٻيا مثال : ڪير نه ڪير، ڪو نه ڪو فلاڻو، فلاڻي وغيره